تاريخ سنڌ اميران ميرپورخاص

تاريخ سنڌ، اميران ميرپورخاص (ڪتاب ):هي ڪتاب حاجي مير محمد بخش ٽالپر جو لکيل آهي، جنهن ۾ ميرپورخاص جي ميرن جو تذڪرو آهي. هن ڪتاب جي باب پهرين ۾ بلوچ نسل خاص طرح ٽالپرن بابت ٻڌايو ويو آهي ته ٽالپر هوت بلوچ نسل مان آهن. هن ئي باب ۾ هوت جي اولاد ۽ پوءِ ديري غازي خان جي بلوچن وغيره جو احوال ڏنل آهي. باب ٻئي ۾ ميرن جي سنڌ ۾ آمد کانسواءِ مير الهيار خان، مير مسو خان، چٽوڙيءَ جو مقام، مير فتح خان شهيد ماڻڪاڻي، ميان سرفراز ڪلهوڙي، مير بهرام خان ۽ مير صوبدار خان جي شهادت، مير ڄام نندو، ميان غلام نبي، مير بجار خان، لانياري واري جنگ، جوڌپور وارن سان جنگ ۽ هالاڻيءَ جي جنگ جو احوال آهي. مصنف هن ڪتاب ۾ تمام ضعيف روايتن ۽ دروغ گوئي کان تمام گهڻو ڪم ورتو آهي. ۽ باب ٽئين ۾ ميرن جي حڪومت، ان کانسواءِ مير ٺاري خان جي قصيدن سان گڏوگڏ حيدرآباد جي ٽالپرن جي برائي، مير صوبدار خان جي بغاوت ۽ مير ٺاري جي وفات جو احوال ڏنل آهي. باب چوٿين ۾ مير علي مراد خان جو احوال، باب پنجين ۾ مير شير محمد خان جي تخت نشيني، حيدرآباد جي ٽالپرن سان اختلاف، انگريزن سان شير محمد جو عهدنامو، مياڻي جي جنگ، دٻي جي جنگ، مير شير محمد جي وفات ۽ سندس اولاد جو احوال پڻ ڏنل آهي. تاريخ سنڌ اميران سنڌ ميرپورخاص جي مصنف مير محمد بخش ٽالپر هن تاريخ ۾ حيدرآباد جي ٽالپرن خلاف تمام گهڻو بدشد پڻ قلمبند ڪيو آهي، پر جيئن ته هي تاريخ مستند نه آهي ۽ سڄي تاريخ جو بنياد دروغ گوئي تي رکيل آهي. ڊيمي سائيز ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 424 صفحا آهن ۽ قيمت 40 رپيا لکيل آهي. هي ڪتاب زيب ادبي مرڪز حيدرآباد پاران 1982ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو